بخشاپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، نوجوان قتل

بخشاپور (ع آ نيوز) بخشاپور ڀرسان جمالاڻي ۽ ڊومڪي ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، نوجوان قتل ٿي ويو، ڳوٺ ستارآباد وٽ پاڻي  جي واري تان جمالاڻي ۽ ڊومڪي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 35ورهين جو عبدالرحمان ڊومڪي مارجي ويو، جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي، نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي ۾  ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، مقتول جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتار جو مطالبو ڪيو ويو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.