اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ هفتي پيٽرول شين جي في ليٽر قيمت ۾ 15 رپين تائين اضافي جو امڪان آهي. هڪ هفتي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل 5 ڊالر في بيرل مهانگو ٿي چڪو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جون وڌندڙ قيمتون پاڪستان ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جي خدشن کي جنم ڏنو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ گھٽتائي نه ٿي ته 16 سيپٽمبر کان پيٽرول شين جي قيمتن وڌيڪ اضافو ٿي سگھي ٿو. رپورٽ موجب گلف مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ 93 ڊالرز تائين پهچي وئي آهي.