پاڪستان ۾ چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون ٿيڻ گهرجن: آمريڪي سينيٽر

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي سينيٽر ڪرس وان هيلن جو چوڻ آهي ته بائيڊن انتظاميه پاڪستاني سياست ۾ مداخلت نه ڪري رهي آهي ۽  اهو پاڪستاني عوام تي منحصر آهي ته هو پنهنجي اڳواڻن جو فيصلو ڪن.  پاڪستان ڊاڪٽرز آرگنائيزيشن جي ڊي ايم وي چيپٽر جي تقريب ۾ آمريڪي سينيٽر ڪرس وان هيلن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن چيو ته مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستاني سياست سان لاڳاپيل ڪنهن به شيءِ کي انجنيئر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، اهو پاڪستان جي عوام تي منحصر آهي ته هو پنهنجي ليڊرن جو فيصلو ڪن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته پاڪستان جي عوام جي خواهش ٻڌي ۽ ان جي عڪاسي ڪئي وڃي. ڪيو وڃي. آمريڪي سينيٽر اهو به چيو ته پاڪستان ۾ چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.