ڪجهه ڊنل اتحادي چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿا: بلاول

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته اسان لاش ڪلھن تي کڻي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا عادي آھيون، آئون گذريل 18 مھينن کان پنھنجي اتحادي جماعتن کي اھو ئي چوندو رھيس تھ ڊڄندا ته مرندا، پر افسوس جي ڳالھ آھي ته اسان جا اتحادي ڊڄي چڪا آھن، اھي ڊنل آھن، اھي ضمني ۽ مڪاني چونڊن کان ڀڄي ويا، ھاڻ شايد  ھو عام چونڊن کان ڀڄڻ چاھين ٿا، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽريننگ ۾ ڀڄڻ ۽ ڊڄڻ شامل ئي ناھي، پ پ ھن ملڪ ۾ نفرت جي سياست ڪندڙ پي ٽي آئي جو صفايو ڪندي، جيئن ھن شھر حيدرآباد ۾ نفرت جي سياست ڪندڙ جماعت جو صفايو ڪيو تيئن پي ٽي آئي جو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان صفايو ڪنداسين، پي ٽي آئي نفرت، ورھاست ۽ پاڪستان جي عوام ۽ ادارن وچ ۾ ڏار وجھڻ جي سياست ڪري ٿي، جن جناح ھائوس تي حملو ڪيو، 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو انھن جي لاءِ پيغام آھي تھ پيپلزپارٽي جا جيالا توھان کان نٿا ڊڄن، اسان اچي رھيا آھيون، مقابلي جي لاءِ تيار آھيون. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھھ حسين آباد ۾ 6 ايم جي جي واٽر فلٽر پلانٽ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ ھن چيو تھ مقابلو ڪرڻ ضروري آھي، سياست ۾ اھو چيو وڃي ٿو ته توھان ڊڄو ٿا ته مرندا، اڄ جڏھن پيپلزپارٽي سياسي طور تي زندھ آھي تھ ان جو وڏو سبب اھو آھي تھ اسان جي ڪارڪنن، قائد ۽ شھيد راڻي کي شھيد ڪيو ويو، پر اسان پوئتي نه ھٽياسين، اسان ان وقت بھ مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار ھئاسين، اسان پنھنجن ڪلھن تي لاش کڻي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا عادي آھيون، اسان نھ ماضيءَ ۾ چونڊن کان ڀڳا آھيون ۽ نھ ئي اڄ چونڊن کان ڀڄنداسين، اڄ اسان جا ڪجھ اتحادي چونڊن کان ڀڄي رھيا آھن تھ انھن کي ڀڄڻ ڏنو وڃي، پر عوام اھو سمجھي ٿو تھ توھان جڏھن چونڊن کان ڀڄو ٿا تھ ڪو اچي توھان جي جڳھ وٺي ڇڏيندو، ھن شھر ۾ ايم ڪيو ايم جي جيڪا سياست ھئي، اھا الڳ آھي، پر مون انھن جا رڳو پير نه پڪڙيا ھئا باقي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ھر وقت خيرات گھري رھيو ھوس ته توھان چونڊن ۾ حصو وٺو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون وڙھو، توھان پنھنجو اسپيس، نالائق، نااھل، ڪرپٽ، پاڪستان دشمن ۽ 9 مئي ڪندڙ پارٽي جي حوالي نھ ڪيو، پر ايم ڪيو ايم وارا ڊڄي ويا ۽ چونڊن کان ڀڄي نڪتا، تھ پوءِ ڇا ٿيو حيدرآباد جو ميئر ته پري جي ڳالھ آھي پر ھو پنھنجا 2 ٽائون به پي ٽي آئي کان بچائي نه سگھيا. ھن چيو ته آئون نه ڪنھن نگران وزير، وزير اعليٰ، سي سي پي او، ايس پي يا ڊي سي جي طاقت سان پي ٽي آئي جو مقابلو ڪندس، آئون ته ھن عوام دشمن، ملڪ دشمن، سليڪٽيڊ جو مقابلو عوام جي طاقت جي زور تي ڪندس، جيئن جيالن ڏکين حالتن ۾ ان ئي عمران نيازي جي ملير ڪراچي ۾ ضمانت ضبط ڪرائي ھئي تيئن ئي ان جو صفايو اسان سڄي پاڪستان مان ڪنداسين، اسان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياسي يتيمن ۽ ڪٺ پتلين جو صفايو ڪري ڇڏينداسين، ان ڪم جي لاءِ مون کي عوام جي مدد جي ضرورت آھي. ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪردار ڪشي ٽن نسلن کان ٿيندي پئي اچي، سليڪٽيڊ کي ملڪ تي مڙھڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي لاءِ خبر ناھي ڇا ڇا چيو ويو ۽ اڄ بھ اسان جي خلاف اھي ڪوڙيون ڳالھيون ۽ واعدا پنجاب ۽ پشاور ۾ وڪرو ٿي رھيا آھن، حيدرآباد جي عوام ڀائرن ۽ ڀينرن کي چوندس تھ اسان کي ان ڪوڙ جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻو آھي. ھن چيو تھ حيدرآباد ۾ دل جي بيمارين جي اسپتال پ پ ٺاھيو آھي، ھن اسپتال ۾ ھر ماڻھو بنا ڪنھن فرق جي علاج ٿئي ٿو، ڪنھن امير ۽ غريب ۾ ڪو بھ فرق نٿو ڪيو وڃي، عمران جي پنھنجي اسپتال آھي، پر ان کي چيلھھ ۾ سور ٿيندو آھي تھ ٻاھر ھليو ويندو آھي، پر تنقيد وري ٻين تي ڪندو آھي، غريبن جي خدمت قائد عوام ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو خواب آھي، اھو خواب اھو آھي تھ اين آئي سي وي ڊي جھڙي اسپتال سنڌ جي ھر ضلعي ۾ قائم ٿيڻ گھرجي، اللھ سائين موقعو ڏنو ته پاڪستان جي ھر ضلعي ۾ عالمي سطح جي اسٽينڊرڊ جھڙي اسپتال قائم ڪنداسين جتي دل جي بيميارين جو مفت علاج ٿئي ۽ پيپلزپارٽي جي جيالن کي اھو پيغام پھچائڻو آھي، اڄ جي دور ۾ موبائيل ۾ سڀ ڪجھھ آھي، ضرور ٽڪ ٽاڪ ۽ فيسبڪ تي ڪيترائي ماڻھو ھوندا، پر اسان جي ماڻھن سان مسئلو اھو آھي تھ ھو ڪم ڪن ٿا، محنت ۾ لڳل ھوندا آھن ۽ واندا ناھن، پر “ممي ڊيڊي” واري پارٽي جا ڪارڪن تھ واندا ويٺا ھوندا آھن ۽ سڄو ڏينھن موبائيل تي لڳل ھوندا آھن، ان ڪري پيپلزپارٽي جا ڪارڪن به ٿورو وقت ڪڍن ۽ موبائيل ٻاھر ڪن ته جيئن اسان بھ ممي ڊيڊي وارن جو سوشل ميڊيا تي مقابلو ڪري سگھون ۽ اھو عوام کي ٻڌايون تھ عام ماڻھن جا مسئلا ۽ پاڻي جو مسئلو پيپلزپارٽي حل ڪرائيندي آھي، برگر ٻارن کي ٻڌايون ته اسان جي بزرگن جو مفت علاج ھن اين آئي سي وي ڊي ۾ ڪنھن ڪرڪيٽر جي ڪري نه پر شھيد جي جماعتن جي ڪري ٿي رھيو آھي، پ پ جا ڪارڪنن پنھنجي موبائيل تي ھي وڊيو ٺاھي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي عوام کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ جيڪڏھن ڪو ڪم ٿيو آھي ته اھو پيپلزپارٽي ڪيو آھي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ مونکي خوشي ٿي رھي آھي تھ اڄ آئون توھان کان گھرڻ نه پر ڏيڻ جي لاءِ آيو آھيان، اڄ حيدرآباد شھر جي عوام کي ميگا پاڻي جو منصوبو ڏنو آھي، پيئڻ جو صاف پاڻي شھرين جو بنيادي حق آھي، ملڪ جو عوام پاڻي جي لاءِ پريشان آھي ۽ اسان جا اسلام آباد جا حڪمران وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رھيا آھن، ڪراچي کان ڪشمير تائين اسان جو سنڌو درياھ آھي، پر ان جي باوجود ملڪ جو عوام پاڻي جي لاءِ ترسي رھيو آھي. ھن چيو ته چون ٿا ته پيپلزپارٽي ڪجھھ نٿي ڪري، پر آئون پاڪستان جي عوام کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو تھ جيڪڏھن ھن شھر کي پاڻي جو منصوبو مليو آھي تھ اھو 1911ع ۾ انگريزن ڏنو ھو، ان کانپوءِ 1970ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، وري 1988ع ۾ محترمھ شھيد بينظير ڀٽو منصوبو ڏنو ۽ اڄ مون پاڻي جي منصوبي جو افتتاح ڪيو آھي، ھن منصوبي سان حسين آباد، شاھ لطيف ۽ قاسم آباد ٽائون جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملندو. ھن چيو تھ جيڪي ھن شھر تي راڄ ڪندا ھئا ۽ جن جو قبضو ھو، اھي لسانيت ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪندا ھئا، عوام جي خون سان ھولي کيڏندا ھئا، ھن شھر کي لنڊن کان ھلائيندا ھئا ۽ لنڊن جي چوڻ تي سياست ڪندا ھئا، پر انھن ھن شھر کي پاڻيءَ جو ھڪ ڦڙو بھ نھ ڏنو آھي، ھن شھر جي خدمت ٿي آھي تھ اھا صرف پيپلزپارٽي ڪئي آھي، اسان جي خدمت جو سفر اڃا نامڪمل آھي، اسان کي ھر ڳوٺ تائين ھن قسم جا منصوبا پھچائڻا آھن. ھن چيو تھ ٻين پارٽين ۽ پيپلزپارٽي ۾ اھو ئي فرق آھي تھ پيپلزپارٽي ايندڙ چونڊون پنھنجي ڪارڪردگي ۽ منشور جي بنياد تي وڙھندي، ميڊيا تي پيپلزپارٽي خلاف جيڪي ڳالھيون ٿي رھيون آھن ان جو توڙ اھو آھي تھ آئون شھر شھر وڃي عوام کي ٻڌايان تھ جيئن حيدرآباد جي شھرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جو منصوبو ڏنو آھي، تيئن آئون، ملتان، فيصل آباد، پشاور، ڪوئٽا ۽ ٻين شھرن کي پيئڻ جي پاڻي جو منصوبو ڏيڻ چاھيان ٿو، عوام کي اپيل آھي تھ ھو شھيدن ۽ غريبن جي جماعت پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏي، عوام جا سمورا مسئلا اسان حل ڪنداسين. ھن چيو تھ ھاڻ پيپلزپارٽي جي ڪردار ڪشي ڪندي چيو وڃي ٿو تھ رڳو سنڌ ۾ ڪچرو آھي، باقي سڄو پاڪستان صاف سٿرو جنت جھڙو لڳو پيو آھي، حيدرآباد جي ماڻھن کي خبر آھي جڏھن ايم ڪيو ايم وٽ ڪچرو کڻائڻ جي ذميواري ھئي ته شھر جي ھر گلي ۾ ڪچرو پيل ھو، ھو وڊيو ٺاھي صوبائي حڪومت تي الزام لڳائيندا ھئا پر ڪم پاڻ نھ ڪندا ھئا، ھاڻ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڪم جي ڪري تمام وڏو فرق پيو آھي. ھن چيو تھ تنقيد ڪئي وڃي ٿي تھ پنجاب ۾ بسون ھلن ٿيون اتي شايد ڪو بسن جو بادشاھھ ويٺو آھي، پر اسان اھو کين ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته پنجاب ۾ اشرافيا جي لاءِ بسون ھلنديون ھونديون، پر اسان سنڌ ۾ غريب عوام جي لاءِ بسون ھلائي رھيا آھيون، اسان سڄي سنڌ ۾ بسون ھلائڻ جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو آھي، جنھن کي اڃا وڌائڻو آھي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھن ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ شروع ڪئي، پر ضياءَ الحق آيو جنھن اھو نظام ختم ڪري ڇڏيو، ھاڻ اسان سنڌ ۾ وري ٽرانسپورٽ جو نظام شروع ڪيو آھي. ھن چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو غريب عورتن، نوجوانن، مزدورن ۽ ھارين جي وزيراعظم ھئي، ھوءَ ھن ملڪ جي مستقبل جي اميد ھئي، ايم آر ڊي ۽ اي آر ڊي جي تحريڪ ھجي يا پنھنجي اليڪشن ڪيمپئن بي بي شھيد جڏھن بھ ملڪ جو دورو ڪندي ھئي تھ ھوءَ سدائين حيدرآباد ايندي ھئي، ھوءَ پنھنجي جدوجھد حيدرآباد کان شروع ڪندي ھئي، آمرن خلاف جدوجھد جي شروعات بھ ھن حيدرآباد کان ڪئي ھئي، جڏھن لانگ مارچ حيدرآباد کان نڪرندو ھو تھ اسلام آباد ۾ حڪمرانن جو خدا حافظ ٿيندو ھو. ھن چيو ته آئون حيدرآباد جي عوام جو شڪرگذار آھيان جڏھن بھ توھان وٽ آيو آھيان تھ توھان مونکي موٽ ڏني آھي، جڏھن سليڪٽيڊ نااھل ۽ نالائق وزيراعظم خلاف تحريڪ ھلائي رھيو ھوس تھ تڏھن بھ حيدرآباد جي عوام منھنجو ساٿ ڏنو، نااھل ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي تھ ان ۾ بھ حيدرآباد جي عوام جو رت ۽ پگھر شامل آھي، اڄ جڏھن اھو سليڪٽيڊ ۽ نااھل ملڪ جو وزير اعظم ناھي رھيو تھ سڀني کي نظر اچي رھيو آھي تھ اھو تھ ملڪ دشمن ھو، اڄ ھو وزير اعظم ناھي تھ اھو پيپلزپارٽي جي جيالن جي جدوجھد جي ڪري وزيراعظم ناھي، ان نااھل ۽ نالائق جي وزيراعظم نھ ھجڻ جو فائدو سڄي ملڪ جو فائدو آھي.  ھن چيو تھ ٻوڏ متاثرن جون حالتون بھتر بنائڻ جي لاءِ منصوبا شروع ڪيا آھن، گھر ۽ زمين جا مالڪ ٻوڏ متاثر ٿيندا، پر ھاڻ اليڪشن ڪميشن ان منصوبي کي روڪي ڇڏيو آھي، جنھن تي اسان کي اعتراض آھي، ٻوڏ متاثر عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ ۽ مالڪاڻا حق ڏيڻ چاھيون ٿا، اسان بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ گلگت جي ٻوڏ متاثرن جي لاءِ بھ اھڙا منصوبا جوڙڻ چاھيون ٿا. ھن چيو تھ پي ٽي آئي چيئرمين خبر ناھي ڪيترا لک گھر ٺاھي ڏيڻ جا واعدا ڪيا، پر عمران خان ۽ ان جي ساٿي جج گڏجي گھر ٺاھي ڏيڻ بجاءِ ھزارين ماڻھن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، سڄي ملڪ جي عوام کان گھر جي ڇت ڦري بني گالا واري گھر جا ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاري سادق ۽ امين قرار ڏنو ويو. ھن چيو تھ اسان ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ چاھيون ٿا، سڄي پاڪستان جي ڪچين آبادين ۾ رھندڙ ماڻھن کي مخاطب ٿيڻ چاھيان ٿو تھ پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏيو توھان کي مالڪاڻا حق ڏينداسين، جيڪڏھن رٽائرڊمينٽ کانپوءِ بيروڪريسي، ججن ۽ اسان جي بھادر فوج کي پلاٽ ملي سگھن ٿا تھ پوءِ ملڪ جي غريب عوام کي بھ پلاٽ ملي سگھن ٿا. ھن چيو تھ ٻيون جماعتون رڳو اشرافيا جي نمائيندگي ڪن ٿيون، اھي جماعتون اچي وڏين ملن جي مالڪن ۽ سرمائيدار کي سبسڊي ڏين ٿيون، شاھوڪار ماڻھن کي زمين ڏيارينديون آھن تھ توھان امير ٿيندا تھ ماڻھن کي روزگار ڏيندا، پر پيپلزپارٽي اھو ڪم ناھي ڪندي، اسان سمجھون ٿا تھ عام عوام جي کيسي ۾ رقم ھجڻ گھرجي، غريب وٽ پئسا ھوندا تھ ھو خرچ ڪندو ۽ ملڪ جي معيشيت ھلي سگھندي، توھان جيئن قائد عوام ۽ شھيد بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو ھو تيئن منھنجو ساٿ ڏيو ۽ منھنجا ھٿ مضبوط ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.