گهوٽڪي (ڊر) ايس ايس پي گهوٽڪيءَ ڊيوٽي ۾ غفلت جي الزام ۾ ايس ايڇ او کي هٽائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي منير احمد کهڙو ڊيوٽي ۾ غفلت جي الزام ۾ ايس ايڇ او باغن گهوٽو کي هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي پاران ٻن پوليس اهلڪارن عبدالفتاح سومرو ۽ جمال ملاڻو کي پڻ ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ايس ايس پي گهوٽڪي اهلڪارن کان پڇا ڪئي ته ڌاڙيلن جي پڪٽ تي حملي وقت توهان ڪٿي هئا ۽ ڌاڙيلن حملي جي وقت اوهان کان هٿيار ڪيئن ڦر ڪيا، جنهن جو اهلڪارن پارن تسلي بخش جواب نه ڏيڻ تي ايس ايس پي اهلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪندي ايس ايس پي منير احمد کهڙو چيو ته ڊيوٽي تان غيرحاضر ۽ ڪوتاهي ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.