بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن تي سياست ٿئي پئي: جان اچڪزئي

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر )بلوچستان جي نگران سڌ سماءُ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته افغان پناهگيرن جي واپسي جي حوالي  سان هن وقت تائين ڪا ملڪي پاليسي جڙي نه سگهي آهي، بلوچستان ۾ ڪابه احساس ڪمتري نه آهي، بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو ڪوبه مسئلو نه آهي، ان جي نالي ۾ سياست ٿي رهي آهي، دهشتگردن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي وچ ۾ فرق آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان فوجي سربراهه جي دانائي مان بلوچستان کي به فائدو ٿيندو ۽ اتي ترقي جا رستا کلي پوندا. هن اها ڳالهه آچر ڏهاڙي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چئي، جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سخت ڪارروائي ٿي رهي آهي، ايران مان تيل ۽ ڪرنسي کي روڪڻ جي سلسلي ۾ 117 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي ۽ 500 ايراني تيل جا پمپ بند ڪيا ويا آهن ۽ ملڪ جي ٻين سرحدي علائقن حدن وانگر بلوچستان جي سرحدن تي به چوڪسي وڌائي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1970، 80، 90، 2000 ۽ ان کان بعد به افغان پناهگير ملڪ ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن، انهن مان ڪهڙن ڏهاڪن ۾ آيل افغانين کي واپس ڪرڻو آهي، ڪهڙن کي ملڪ ۾ رهڻ ڏنو وڃي، ان متعلق ڪابه ملڪي پاليسي موجود نه آهي، سنڌ حڪومت وٽ به افغان پناهگيرن جو مسئلو موجود آهي هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ صنعتي زون قائم ڪرڻ لاءِ سيڙپڪارن کي گهرايو ويندو، انهن جي تحفظ جو به اثرائتو بندوبست ڪيو ويندو ۽ دهشتگردن کي گهيري ۾ آڻي مارينداسين. جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل فردن جي مسئلي جو ڪوبه ثبوت نه آهي، ان ۾ سياست ڪري ملڪي ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آرمي چيف جو ملڪ جي خوشحالي ۽ سيڙپڪاري بابت وڏو ويزن آهي، فوج جي سهڪار کان سواءِ ممڪن نه آهي، سيڙپڪارن کي تحفظ ڏيڻ ممڪن نه آهي، بلوچستان ۾ لاتعداد معدنيات جا ذريعا آهن، جن تي هر پاڪستاني ٻار جي مستقبل جو دارومدار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.