پکي بجلي جي تارن تي ڇو ويهندا آهن؟

اوهان ڏٺو هوندو ته پکي بجلي جي تارن تي ويٺا هوندا آهن.
حقيقت ۾ ڪيترائي پکي گڏ تارن تي ويٺا هوندا آهن، پر اهي ائين ڇو ڪندا آهن ۽ انهن کي ڪرنٽ ڇو ناهي لڳندو؟
هيل تائين سائنسدان ان بابت جيڪو ڪجهه ڄاڻي چڪا آهن اهو گھڻو دلچسپ آهي.
پکين کي ڪرنٽ ڇو ناهي لڳندو؟
ان لاءِ پهريان اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته بجلي ڪيئن ڪم ڪندي آهي.
جڏهن برقي چارج ڪنڊڪٽرز يا تارن ذريعي سفر ڪندي آهي ته ان کي پنهنجي رستي ۾ گھٽ ۾ گھٽ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
بجلي جي تار ۾ ڪاپر وائر هوندي آهي جيڪا برقي چارج جي وهڪري کي لاڳيتو جاري رکندي آهي.
پکين جي محفوظ رهڻ جي ڳالهه آهي ته برقي چارج بنيادي طور تي اليڪٽرونز جي حرڪت کي چيو ويندو آهي.
جڏهن ڪو پکي ڪنهن تار تي ويهندو آهي ته ان جا ٻئي پير هڪ ئي وقت هڪ ئي هنڌ موجود هوندا آهن جنهن جي ڪري اليڪٽرونز پکي جي جسم مان ناهن گذرندا.
جڏهن اليڪٽرون جسم مان ناهن گذرندا ته ڪرنٽ به ناهي لڳندو.
پر پکي جي جسم جو ڪجهه حصو به پول يا تار کي ڇُهي ته پوءِ بجلي جي جهٽڪي کان ان کي ڪو به نٿو بچائي سگھي.
پکي تارن تي ڇو ويندا آهن؟
يقينن پکين کي ته سائنسي ڄاڻ ناهي پر انهن جي تارن تي ويهڻ جا سبب مختلف هوندا آهن.
سياري جي موسم هجي ته تارن تي پکين جو انگ به وڌي ويندو آهي ڇو جو ان سان انهن جو جسم ڪجهه گرم ٿيندو آهي جڏهن ته پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏجڻ به انهن کي جسماني گرمائش فراهم ڪندو آهي.
هڪ ٻيو سبب پاڻ کي شڪار کان بچائڻ آهي، ٻليون پکين جو شڪار ڪنديون آهن ۽ انهن کان بچڻ لاءِ به پکي تارن تي ويهڻ پسند ڪندا آهن.
تارن کي ترجيح ڏيڻ جو هڪ بيو سب خوراڪ جي ڳولا به هوندو آهي.
تار تي ويهي پکين کي پري تائين پنهنجي خوراڪ جهڙوڪ جيت، ميوا ۽ ٻيون شيون ڏسڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته پکي تارن تي ان ڪري به ويهندا آهن ڇو جو اتي انهن کي هڪ ٻئي سان ملڻ جو موقعو ملندو آهي، خاص طور تي اهڙا پکي جيڪي گھڻو ڪري هڪ کان ٻئي هنڌ هجرت ڪندا رهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.