پاڪ ڀارت ميچ نه ٿي ته فيصلو ڇا هوندو؟

ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل ميچ برسات سبب روڪي وئي. هن وقت ڀارتي ٽيم جو اسڪور ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون آهي.
ان ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ٽاس هارائڻ کان پوءِ بيٽنگ جي دعوت ملڻ تي ڀارتي اوپنر کيڏيا، ۽ آخر ٻنهي اوپنرز وچ ۾ قائم ٿيل سينچري پارٽنرشپ کي اسپن بالر شاداب خان 16.4 اوورن ۾ 121 رنسن جي گڏيل اسڪور تي ٽوڙيو ۽ پهرين وڪيٽ روهت شرما حاصل ڪئي.
ٻي اوور ۾ شاهين آفريدي 123رنسن تي ڀارت جي ٻين اوپنر شبمن گل کي آئوٽ ڪيو، هو 58 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
ٽاس کٽڻ کان پوءِ بابر اعظم چيو پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ سدائين اهم هوندي آهي، ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو پچ ڏسي ڪيو آهي، اسان جي ٽيم سٺو کيڏي رهي آهي ۽ سڄو ڌيان ميچ تي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته بهترين راند پيش ڪري ميچ کٽيون.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته سٺي بيٽنگ ڪري پاڪستان کي وڏو هدف ڏيون. اسان لاءِ هر ميچ کٽڻ اهم آهي ۽ اسان وٽ اهو ڪم بيڪ ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي، ڪجهه شيون ڪنٽرول ۾ هونديون آهن ۽ ڪجهه نه، ڀرسات دوران وقفي ۾ تياري جو موقعو مليو، اڄ جي ميچ ۾ بمراهه ۽ ڪي ايل راهول ٽيم جو حصو آهن.
ڪولمبو ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسان جي اڳڪٿي به ڪئي وئي هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي ڀيرا اعتراض واريا هئا جنهن کان پوءِ اي سي سي ريزرو ڊي جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن سڀاني برسات سبب پاڪ ڀارت ميچ مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ريزو ڊي 11 سيپٽمبر تي ٻيهر ميچ جاري رهندي ۽ اتان ئي شروع ٿيندي جتان روڪي وئي هوندي.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪ ڀارت وچ ۾ ان کان اڳ کيڏيل ميچ جو ڪو به نتيجو نه نڪتو هو ۽ برسات سبب ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.