6 زالون رکڻ سولو ناهي، همراهه جي راتين جي ننڊ ڦٽي وئي

جيڪڏهن اوهان شادي شدا آهيو ته هڪ زال مان ئي اوهان کي خبر پئجي وئي هوندي. شادي جي معاملي ۾ رڳو هڪ زال يا هڪ مڙس ئي آکيون کولي ڇڏيندا آهن جنهن جو هڪ مثال اهو به آهي ته ”شادي جو لڏون جيڪو کائي اهو به پڇائي جيڪو نه کائي اهو به پڇتائي“ يعني جيڪو اهي لڏون گھڻا کائي وڃي ته معاملو خراب ٿي ويندو آهي يعني جيڪڏهن ڪو هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي ته سندس همٿ کي داد ڏيڻ گھرجي. هڪ شخص پنهنجين 6 زالن سان گڏ تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ڪيترائي شادي شدا ماڻهو هڪ زال ئي نٿا سنڀالي سگھن هي شخص اڌ درزن زالون سنڀالي رهيو آهي.


اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون آرٿر جي هن موجب شادي تفريح لاءِ ڪئي ويندي آهي. هو رڳو هڪ زال نه پر 6 زال سان محبت ڪندو آهي. هو سڀني لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ هن پنهنجو تجربو ماڻهن سان شيئر ڪيو آهي جيتوڻيڪ هن گھڻيون شاديون ڪيون پر هن وقت هن سان گڏ رڳو 6 زالون آهن ٻين هن کان طلاق وٺي ڇڏي آهي.
آرٿر جون زالون هڪ ئي گھر ۾ گڏ رهنديون آهن. هن ٻڌايو ته ماڻهو سوچي سگھن ٿا ته منهنجي گھر ۾ رڳو جهيڙو ٿيندو هوندو پر ائين ناهي، هو 6 زالن سان گڏ آرام سان زندگي گذاري رهيو آهي. سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هن بستري تي سڀني سان هڪ معمول بڻايو آهي. هن روٽين ۾ لکيو آهي ته ڪهڙي زال هن سان ڪهڙي ڏينهن سمجهندي.
هن اهو به چيو ته سندس راتين جي ننڊ ڦٽي وئي آهي ۽ گھڻو ڪري هو ڏينهن ۾ آرام ڪندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.