کيرٿر ۾ ناياب هرڻ پراسرار بيماري وگھي مرڻ لڳا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي علائقي کيرٿر ۾ آءِ بيڪس (ناياب نسل جا هرڻ) پراسرار بيماري سبب مرڻ لڳا.
پراسرار بيماري انهن هرڻن تي حملو ڪري رهي آهي گذريل ڪجهه مهينن دوران بيماري ۾ مبتلا ڪيترائي آءِ بيڪس مري چڪا آهن.
ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي اهي هرڻ پي پي آڙ نالي وبائي بيماري جو شڪار ٿي رهيا آهن، هڪ سروي موجب کيرٿر جي علائقي ۾ 30 هزار جي ويجهو آءِ بيڪس آهن.
ان موتمار بيماري جي روڪٿام لاءِ سنجيدهه قدم نه کنيا ويا ته ناياب جانورن جي بقا کي خطرا ٿي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.