سنڌو درياهه هجڻ باوجود ماڻهو پاڻي جي ڦڙي لاءِ به ترسي رهيا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اتحادي جماعتون ڊنل آهن اليڪشن کان ڀڄڻ چاهين ٿيون.
حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيوته عوام ڪڏهن به مون کي مايوس ناهي ڪيو، نالائقن کي ڪڍڻ ۾ اسان حيدرآباد جيعوام جي مدد سان ڪامياب ٿياسين، هو جيالن جي محنت سبب وزيراعظم ناهي رهيو.
هن چيو ته ماڻهو پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن پر اسلام آباد جا حڪمران وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سنڌو درياهه هجڻ باوجود هتان جو عوام پاڻي لاءِ ترسي رهيو آهي، جيڪي هن شهر کي لنڊن مان هلائيندا هئا انهن کان پڇو ته هنن ان شهر کي هڪ ڦڙو به پاڻي جو نه ڏنو.
سندس چوڻ هوته اسان ڪُلهن تي لاش کڻي اليڪشن وڙهڻ جا عادي آهيون، اسان اليڪشن کان نه ڀڄنداسين، پر جيڪڏهن اسان جا ڪجهه اتحادي اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن ته انهن کي ڀڄڻ ڏيو، ڇو جو جڏهن اوهان اليڪشن ناهيون وڙهندا ته اوهان جي سيٽ ڪو ٻيو کڻي ويندو آهي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته آئون ايم ڪيو ايم کي بلدياتي چونڊون وڙهڻ جو چيو پر هنن نه مڃيو، آئون کي ايلازڪندو رهيس ته پنهنجون سيٽون پي ٽي آءِ کي نه ڏيو، رڳو پيرين پوڻ رهجي ويو هو، پر هو ڊپ ۾ پوئتي هٽيويا، اڄ به 18 مهينن کان پنهنجي سڀني اتحادي جماعتن کي چئي رهيو آهيان ته ڊڄندئو ته مرندئو، پر افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان جا سياسي اتحادي ڊڄي چڪا آهن، هو متان عام چونڊن کان به ڀڄڻ چاهين ٿا.
بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو پي ٽي آءِ کي پيغام آهي ته اسان اوهان کان نٿا ڊڄون اسان مقابلو ڪرڻ اچي رهيا آهيون، آئون پي ٽي آءِ جو مقابلو نگران وزيراعظم جي طاقت سان نه پر عوام جي طاقت سان ڪندس، پ پ جي ڪردار ڪشي گذريل ٽن نسلن کان ٿي پئي اچي، اڄ به ڪوڙي پروپيگينڊا پنجاب ۽ پشاور ۾ وڪامجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.