ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بابت پاليسي جوڙي ڇڏي آهي: وفاقي وزير سرفراز بگٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي گھرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمگلنگ جي خلاف مهم جاري آهي ۽ ڪنهن کي به بندوق جي زور تي پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

نگران وفاقي گھرو وزير سرفراز بگٽي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) اجلاس کان پوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس بريفنگ دوران چيو ته ڪنهن به قسم جو تشدد قبول نه ڪيو ويندو ۽ بندوق جي زور تي ڪنهن کي به پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته ملڪڪ ۾ سمگلنگ جي خلاف مهم جاري آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي سمگلنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، غير قانوني پناهگيرن بابت پاليسي جوڙي آهي.

ٻي پاسي نگران پرڏيهي وزير جيل عباس جيلاني چيو ته بزنس ڪميونٽي کي سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڊگھي مدي جي ويزا ڏني ويندي.

انفارميشن ٽيڪنالوجي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته ٽيڪس جي نظام کي ڊجيٽلائز ڪيو پيو وڃي.

قانون واري ۽ ماحولياتي تبديلي واري وفاقي نگران گهرو وزير عرفان اسلم جو چوڻ هو ته پاڻي جي بچت بابت گڏيل پاليسي جلد آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.