ايران تيل جي ڪاروبار ۾ ڪير ڪير ملوث آهي؟ حساس اداري جي رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حساس اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايراني تيل جي ڪاروبار ۾ 29 سياستدان به ملوث آهن.

سول حساس اداري سمگلنگ تي رپورٽ وزيراعظم هائوس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته تيل جي سمگلنگ مان ٿيندڙ آمدني دهشتگرد به استعمال ڪندا آهن.

رپورٽ موجب ايران مان پاڪستان کي هر سال 2 ارب 81 ڪروڙ ليٽر کان وڌيڪ تيل سمگل ٿيندو آهي، ايراني تيل جي سمگلنگ سبب پاڪستان کي ساليانو 60 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي.

سول حساس اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آيه ته سڄي ملڪ ۾ 995 پمپ ايراني تيل جي وڪري جو ڪاروبار ڪن ٿا، ايراني تيل جي سمگلنگ ۾ 90 سرڪاري اختياري به ملوث آهن ۽ 29 سياستدان ايراني تيل جي سمگلنگ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن.

رپورٽ ۾ اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جون گاڏيون به ايراني تيل جي ٽرانسپورٽيشن ۾ ملوث هجن ٿيون، ايران مان تيل ايراني گاڏين ۾ سمگل ٿي پاڪستان اچي ٿو، تيل سمگل ڪندڙ ايراني گاڏين کي زم ياد چيو ويندو آهي.

حساس اداري جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 722 ڪرنسي ڊيلرز هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، سڀ کان وڌيڪ 205 ڊيلر پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ 183، سنڌ ۾ 176، بلوچستان ۾ 104، آزاد ڪشمير ۾ 37 ۽ اسلام آباد ۾ 17 ڊيلز هنڊي جو ڪاروبار ڪن ٿا.

واضح رهي ته نگران وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ڊالرز ۽ ٻيون شيون ذخيرو ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.