ڪراچي: بااثر ٽول ٽيڪس گهرڻ تان ملازم کي گولي هڻي ڇڏي، وڊيو ڏسو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ ڪار سوار ٽول ٽيڪس گهرڻ تان ملازم کي گولي هڻي ڇڏي جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

واقعو ڪياماڙي ويجهو پيش آيو جتي هڪ بااثر ڪار سوار کي ٽول پلازا وٽ روڪيو ويو، ملازم ۽ ڪار سوار وچ ۾ بحث ٿيڻ کانپوءِ بااثر پسٽل ڪڍي کيس گولي هڻي ڇڏي ۽ ڪار ۾ ويهي فرار ٿي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي جڏهن ته جوابدار جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

ٻئي پاسي زخمي 25 سالن جو ابرار اسپتال ۾ داخل آهي جتي سندس حالت سڌرندر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.