واٽس ايپ ۾ وري هڪ نئون فيچر متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ طرفان لاڳيتو ڪيترن ئي نون ۽ دلچسپ فيچرز تي ڪم جاري رهندو آهي ته جيئن واهپيدارن کي ٻين سروسز جو رخ نه ڪرڻو پوي.
اهڙي ئي هڪ نئين فيچر کي جلد واٽس ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن کي چيٽس آرگنائز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ سائيٽ wabetainfo جي رپورٽ موجب ميسيجنگ ايپ ۾ گروپ چيٽ فلٽر جي آپشن جي آزمائش اينڊرائڊ ڊوائيسز جي بيٽا ورجن ۾ ڪئي پئي وڃي.
ان فيچر تي ڊگھي عرصي کان ڪم ڪيو پيو وڃي پر هاڻ ان کي بيٽا ورجن جي واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
ان نئين فيچر جي ذريعي واهپيدارن لاءِ گروپس ۽ پرسنل ڪانٽيڪٽس کي ڌار رکڻ ۾ به مدد ملي سگھندي.
آل، ان ريڊ (Unread)، ڪانٽيڪٽس ۽ گروپس جي نالي سان چيٽ فلٽرز واٽس ايپ اسڪرين تي مٿي نظر ايندا.
گروپس فلٽر تي ڪلڪ ڪرڻ تي واهپيدار جي آڏو گروپس جا نالا نظر ايندا ۽ اهو انهن موجب چيٽس کي آرگنائز ڪري سگھندو.
ان فيچر جو مطلب ڪيترن ئي واهپيدارن طرفان ڪيو پئي ويو ته جيئن اهي گروپ چيٽس کي وڌيڪ بهتر طريقي سان آرگنائز ڪري سگھن.
اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته واٽس ايپ واهپيدار مختلف گروپس جو حصو بڻجي ويندا آهن جن ۾ ميسيجز جي ڀرمار ٿيندي رهندي آهي.
اهو فيچر ڪيستائين دستياب هوندو ان بابت هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگھجي پر امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ اهو دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.