ڪراچي ۾ ٽينڪر واٽهڙو ماڻهن مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر واٽهڙو ماڻهن مٿان چڙهي ويو، خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا 24 سالن جو  سعيد ولد محمد حسين ۽ 30 سالن جو سليم چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته  2 ڄڻا 50 سالن جو عمر زمان ولد نور زمان ۽ 33 سالن جو زين ولد محمد احسن زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ڪورنگي جي سنگر چورنگي وٽ تيز رفتار واٽر ٽينڪر واٽهڙن مٿان چڙهي ويو. حادثي جي نتيجي ۾  سعيد حسين ۽ سليم فوت ٿي ويا، عمر زمان ۽ زين زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جا لاش ۽ زخمي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.