ڏهرڪي (نمائندن وٽان) ڏهرڪي لڳ پسند جي پرڻي تان مبينا جرڳي جو انڪشاف، نوجوان مٿان 22 لک ڏنڊ، ڀيڻ جو سڱ چٽي ۽ ڳوٺ نيڪالي جي فتويٰ ڏني وئي، ڳوٺ غلام رسول واسي جوڙو جان محمد مزاري ۽ شهزادي مزاري دانهيندي انڪشاف ڪندي ٻڌايو آھي ته ڇهه مهينا اڳ اسان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن بعد ٻه مهينا اڳ ناري جي مامن اڪبر خان مزاري، اختر خان ۽ شيرو مزاري وارن زبردستي جرڳو ڪري 22 لک ڏنڊ ۽ پريمي جان محمد مزاري جي ڀيڻ ثمينه جو سڱ چٽي ۾ ڏنو جنهن جي وسيم مزاري سان زبردستي سان شادي ڪرائي وئي ۽ جرڳو ڪندڙن اسان کي ڳوٺ نيڪالي ڏئي ڇڏي ته سڄي زندگي اوهان ڳوٺ ۾ واپس نه اچي سگهندا ۽ جرڳي بابت جيڪڏهن اوهان ميڊيا کي ٻڌايو ته پوءِ ان جو به ڏنڊ وڌو ويندو، هنن چيو ته اسان ان خوف کان خاموش رهياسين، اسان کي ڳوٺ کان نيڪالي ملڻ بعد اسان ڏهرڪي ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهون ٿا، جان محمد چيو ته چار ڏينهن اڳ وري اڪبر مزاري اختر وارن مون تي شهر ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو اهڙو ڪيس ڏهرڪي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو پر پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي ,هن چيو ته اسان تنگ ٿي ميڊيا تي آيا آھيون ته اڪبر ۽ اختر مزاري وارا ٻيهر ٻيو جرڳو گهرن ٿا، اسان وٽ هاڻي ڪجهه به ناهي هو اسان کي قتل ڪري ڇڏيندا، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته اسان کي جرڳي بابت ڪا ڄاڻ ناهي باقي جان محمد جي فرياد تي جهيڙي ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو آھي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر سان فون نمبر نه هجڻ ڪري رابطو نه ٿي سگهيو.