ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ هاءِ ٽينشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جا 4 سئو کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا آهن. ڪراچي جي علائقي شادمان، نيو ڪراچي، ناظم آباد، بلديا، ڪيماڙي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي هلي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم هلي رهيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب عارضي فالٽ کان پوءِ فوري بحال ڪيو ويو آهي.