ڪراچي (رپورٽ:مهدي بلوچ) پيراڻي حويلي مان مبينا گم ٿي ويل ثنا گراماڻي جي وارثن ڪراچي پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نياڻي ثنا گراماڻي گذريل ٻن سالن کان راڻيپور جي پير سهيل شاھ وٽ قيد آهي، هنن چيو ته ثناء گهراماڻي اسان پير پٽ امانت طور ڇڏي آيا هئاسين جنهن بعد ٻه سال گذرڻ باوجود پير سهيل شاھ نه نياڻي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ۽ نياڻي کي اگر ماري ڇڏيون اٿئون ته نه ئي ڪو لاش ٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته اسان گذريل ٻن سالن کان سرپايا احتجاج بڻيل آهيون جڏهن ته پير بااثر آهن ۽ پنهنجي مريدن کان ڌمڪائي رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نوٽيس بعد ڪيس داخل ٿيو آهي تنهن باوجود ايس ايڇ او قاضي پيرن جي ونگار پيو وهي ۽ اسان کي چئي ٿو ته ڪيس ته اسان جي هٿ ۾ آ وڏو وزير ڇا ڪندو، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن جي نياڻي پيراڻي حويلي مان آزاد ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ان کي ماريو ويو آهي ته ان جو لاش ڏنو وڃي.