مورو (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي) موري شھر جي درس روڊ جي خليفه پاڙي ۾ پوليس اھلڪار غلام عباس لانگاھ گوليون ھڻي پنھنجي گھر واري مسمات نور بانو لانگاھ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس اھلڪار گلشير لانگاھ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، اطلاع تي مورو پوليس پھچي لاش ۽ زخمي کي مورو اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر پاران زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو جيڪو رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنھن جو لاش مورو اسپتال آندو ويو جتي مقتول عورت ۽ نوجوان جا لاش قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ھوڏانھن پوليس جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن ٻڌايو آهي ته ھنن جو پاڻ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جھيڙو ھلندڙ ھو، اڄ جوابدار عباس لانگاھ نوجوان گلشير لانگاھ سان گھٽي ۾ جھيڙو ڪيو ته سندس گھر واري ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي به گوليون ھڻي قتل ڪيو ۽ نوجوان ي به قتل ڪري ڇڏيو.