ڪراچي(رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني اليڪشن ڪميشن کان چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊول جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊول جو اعلان ڪري، سمورا ادارا مقرر مينڊيٽ ۾ رهن، اليڪشن ڪميشن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن تڪ بندين جو عمل مسئلو آهي ته ان کي تيز ڪيو وڃي پر چونڊن جي تاريخ جو جلد اعلان ڪيو وڃي.