ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي۔ ملاقات ۾ ٻنهي صوبن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون، وفدن جي مٽاسٽا، صنعتي پيداوار وڌائڻ جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته سنڌ ۽ پنجاب مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي صوبن جو گڏيل تعاون ملڪي معيشت جي لاءِ پڻ فائديمند ثابت ٿيندو، خاص طور تي زراعت تي ٻڌل صنعتن جو قيام وقت جي ضرورت آهي، پنجاب جي گورنر چيو ته سنڌ جي گورنر جي ڪوششن سان پوري ملڪ جي صنعتڪارن کي فائدو ٿيندو۔ جڏهن ته گورنر سنڌ جا عوامي ڀلائي جا قدم مثالي آهن.