ڪراچي (رپورٽر) آن لائن ٽيڪسي ڊرائيورن جو نجي ڪمپني "ان ڊرائيور” خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج. ان موقعي احتجاج ڪندڙن احسن رضا، يونس، الله نواز، قاسم ۽ اڳواڻن جو چوڻ هو ته نجي ڪمپني اسان کي ڪرايو گهٽ ڏئي رهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پئٽرول مهنگو ٿيڻ سبب اسان جي سواري جو ڪرايو نه ٿو وڌايو وڃي جنهن سبب اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون, هنن چيو ته ڪمپني طرفان ڏنل ايپ ۾ گراهڪن لاءِ ڏنل آپشن ۾ انتظار، ڊرائيور سواري ڪينسل ٿيڻ جي صورت ۾ پئسا نه ٿا ڏنا وڃن هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي نجي ڪمپني طرفان موبائل ڦر جي صورت ۾ موبائل به نه ٿي ڏني وڃي، پئٽرول جي قيمت وڌڻ باوجود ڪرايو نه پيو وڌايو وڃي، انتظار ۽ ڪينسل جي صورت ۾ به ڪنهن به قسم جي سهولت نه ٿي ڏني وڃي.