شازيا مري جي گهر تي ڇاپي جي خبر، اينڪر جي نوڪري چٽ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وزير شازيا مري جي گهر تي ڇاپي ۽ رقم هٿ اچڻ جي خبر هڪ اينڪر جي نوڪري چٽ ڪري ڇڏي. نامياري صحافي منصور علي خان جو  چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيشنل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خبر هلي ته شازيا مري جي گهر تي ڇاپو هڻي 97 ارب رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.  اهڙي خبر اچڻ بعد پ پ مخالفن شازيا مري کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو. جنهن بعد شازيا مري چينل مالڪ ۽ انيڪر کي هرجاڻي  جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جنهن تي اينڪر  ۽ چينل انتظاميا شازيا مري کان معافي به ورتي پر شازيا مري معافي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ چينل انتظاميا اينڪر هر بجيت سنگهه کي نوڪريءَ مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.