ڪراچي (رپورٽر) اي او بي آءِ جي برطرف ملازمن جي بحالي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو. نسيم شيخ، عمران ڀٽو، شاھ محمد ميتلو، سيد ظهور علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين پاران بحالي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي 2014 ۾ برطرف ڪيو ويو، بحال نه ٿو ڪيو وڃي، هنن چيو ته پارليامينٽ جي ڪميٽي پاران بحالي جي سفارش باوجود چيئرمين اي او بي آئي بحال نه ٿي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي بحال ڪري بيروزگاري کان بچايو وڃي.