اسلام آباد (م ڊ)سائفر ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيلن سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي اڄ موڪلڻ تي هجڻ سبب ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل تي هجڻ سبب سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم ۾ شامل وزير انتظار پنجوٿا چيو ته صرف پي ٽي آءِ چيئرمين جي لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن، انتظار پنجوٿا چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جڏهن سزا ڏڻي هئي ته ان وقت ٽرائل ڪورٽ 5 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عمران خان کي جيل ۾ مليل سهولتن جي جعلي رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته جج ابوالحسنات ذوالقرنين ريمانڊ ڏيڻ لاءِ ته پهچي ويو پر اڄ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي انصاف نه ڏيڻ ۽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي نه ڪرڻ سنئون سڌو ظلم آهي.نعيم پنجوٿا سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪيو وڃي.