ڪامريڊ عمر دين پورهيت طبقي لاءِ جدوجهد ڪئي: ترقي پسند اڳواڻ

ڪراچي( رپورٽر) پشتو جي انقلابي شاعر، سينيئر صحافي، ترقي پسند اڳواڻ ڪامريڊ عمر دين جي لاڏاڻي تي اڳواڻن ڀيٽا پيش ڪئي آهي.  تعزيتي ريفرنس ۾ ڳالهائيندي ڪامريڊ رمضان ميمڻ، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڪامريڊ حميده گھانگرو عبدالخالق زادران، غلام اڪبر، عمر دين جو پٽ عارف عمر، ڀيڻ شينهن، مبشر ملڪ، مرزا مقصود، غلام محمد منگي، عبدالحڪيم خان، نديم سبطين، غلام محمد جدون، ايڊووڪيٽ، ڪامريڊ عمر دين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته عمر دين پشتو ٻوليءَ جو ترقي پسند شاعر هجڻ سان گڏ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪندو رهيو. 1978ع ۾ بلوچستان جي پٽ فيڊر واري علائقي ۾ جڏهن جاگيردارن هارين جي زمينن تي قبضو ڪيو ته ڪامريڊ عمر دين پنهنجن ساٿين ڪامريڊ رمضان ميمڻ، غلام اڪبر، آصفه رضوي ۽ حميده گهانگهرو سان گڏجي هارين جي حق ۾ بک هڙتال ڪئي جتي سمورن ڪامريڊن کي گرفتار ڪري هڪ سال لاءِ بلوچستان جي مڇ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ان دوران به هو انقلابي گيتن ذريعي حوصلا وڌائيندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.