ڪراچي، صدر واري علائقي ۾ فائرنگ، ڪوسٽ گارڊز جو سپاهي شهيد

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي پريڊي ٿاڻي جي حد صدر جي  علائقي ڪيپري سينما ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي  فائرنگ ۾ ڪوسٽ گارڊز   جو سپاھي شھيد ٿي ويو، مقتول جي سڃاڻپ محمد بلال پٽ وارث  علي جي نالي سان ٿي آهي، پريڊي اسٽريٽ جي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ سبب شھيد ڪوسٽ گارڊز ملازم جي عمر 25 سال هئي، پوليس موجب مقتول جي کيسي مان  موبائيل فون ۽ پئسا مليا آهن، جڏهن ته  موٽرسائيڪل به واقعي واري هنڌ تان ملي آهي، پوليس کي واقعي واري جاءِ تان 30 بور پستول جا خول به  مليا آهن. جن کي فارنزڪ جي لاءِ موڪليا ويا آهن. مقتول ڪوسٽ گارڊز ھيڊ ڪوارٽر مان ڊيوٽي ختم ڪري نڪتو ھو جنهن کي پريڊي اسٽريٽ ويجهو  ئي نشانو بڻايو ويو  آهي پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.