پستا صحت لاءِ ڪيترا فائديمند آهن؟ ڪهڙيون بيماريون ختم ڪن ٿا

پستا رڳو ڏسڻ ۾ ئي خوبصورت ناهن هوندا پر انهن جو ذائقو به بهترين هوندو آهي.

سائي رنگ جي ان خشڪ ميوي جو ذائقو هلڪو مٺو هوندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته ان کي هزارين سالن کان ماڻهو کائيندا پيا اچن.

پر ڇا انهن کي کائڻ سان صحت کي به ڪو فائدو ٿئي ٿو؟

ان جو جواب ها آهي ڇو جو ان خشڪ ميوي ۾ ڪيترائي اهم غذائي جُز موجود هوندا آهن جيڪي جسم جي مختلف حصن جي صحت بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

پستن جو 28 گرام مقدار کائڻ سان جسم کي 159 ڪيلوريز، 8 گرام ڪاربوهائڊريٽس، 3 گرام فائبر، 6 گرام پروٽين، 13 گرام سڻڀ، پوٽاشيئم، فاسفورس، وٽامن بي 6، ڪاپر، وٽامن بي 1 ۽ manganese جهڙا جز ملندا آهن.

ان خشڪ ميوي جي خاص ڳالهه وٽامن بي 6 آهي جيڪا بلڊ شگر سميت ڪيترن ئي فعلن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

ان جا فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

اينٽي آڪسائيڊنٽس حاصل ٿيندا آهن

اينٽي آڪسائيڊنٽس سٺي صحت لاءِ گھڻا اهم هوندا آهن ڇو جو انهن سان جيو گھرڙن جي صحت بهترٿيندي آهي ۽ مختلف مرضن جهڙوڪ ڪينسر جو خطرو گھٽبو آهي.

پستا اينٽي آڪسائيڊنٽس جي حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهن.

ان خشڪ ميوي ۾ lutein جهڙا اينٽي آڪسائيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي اکين جي نظر لاءِ گھڻا اهم هوندا آهن.

اهڙيءَ طرح پولي فينولز ۽ tocopherols جهڙا اينٽي آڪسائيڊنٽس به ان جو حصو هوندا آهن جيڪي ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان تحفظ فراهم ڪري سگھن ٿا.

جسماني وزن ۾ گھٽتائين

اخروٽ ۽ بادام جيان پستا به جسماني وزن گھٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين هوندا آهن.

ان خشڪ ميوي ۾ فائبر ۽ پروٽين جو مقدار گھڻو هوندو آهي ۽ اهي ٻئي غذائي جُز پيٽ کي گھڻي دير تائين ڀريل رکڻ ۽ گھٽ کائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

تحقيقي رپورٽس موجب گھڻو ڪري پستا کائڻ جي عادت سان جسماني وزن ۽ چرٻي ۾ گھٽتائي ايندي آهي.

هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند

ان خشڪ ميوي ۾ فائبر جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي ۽ اهي غذائي جُز هاضمي جي نظام لاءِ گھڻا اهم هوندا آهن.

فائبر کي اسان جو جسم هضم ناهي ڪري سگھندو ۽ اهي غذائي جُز معدي ۾ موجود صحت لاءِ فائديمند بيڪٽيريا جي غذا ٺاهيندا آهن.

اهي بيڪٽيريا فائبر کي شارٽ چين فيٽي ايسڊز ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سان صحت کي ڪيترائي فائدا ٿيندا آهن ۽ هاضمي جي نظام جي ڪيترن ئي مرضن کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڪولسٽرول ۽ بلڊ پريشر جي سطح ۾ گھٽتائي

پستا کائڻ سان دل جي مرضن کان بچڻ ۾ به مدد ملي سگھي ٿي.

ان خشڪ ميوي ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس سان بلڊ ڪولسٽرول جي سطح گھٽجندي آهي جڏهن ته بلڊ پريشر مستحڪم ٿيندو آهي، جنهن سان دل جي مرضن جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.

مختلف تحقيقي رپورٽس ۾ پستا کائڻ سان ڪولسٽرول جي سطح ۾ گھٽتائي کي ثابت به ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح تحقيقي رپورٽس ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته بلڊ پريشر جي سطح ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ پستا ٻين خشڪ ميون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

رت جي شريانين کي صحتمند بڻائين ٿا

سٺي صحت لاءِ امينو ايسڊز کي ضروري سمجهيو ويندو آهي جنهن کي اسان جو جسم پاڻ ناهي ٺاهي سگھندو پر خوراڪ مان حاصل ڪندو آهي.

تحقيق رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته پستن ۾ موجود امينو ايسڊز سان رت ۾ سڻڀ ۽ کنڊ جو مقدار گھٽبو آهي ۽ رت جي شريانين جي صحت بهتر ٿيندي آهي جڏهن ته انهن جي لچڪ به وڌي ويندي آهي.

رت جون شريانيون صحتمند ٿيڻ سان فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جهڙن مرضن کان بچڻ ممڪن ٿي ويندو آهي.

بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪندا آهن

تحقيقي رپورٽس مان ثابت ٿيو آهي ته پستا کائڻ سان بلڊ شگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته پستا کائڻ جي عادت سان شگر ٽائيپ ٽو يا هاءِ بلڊ شگر جو شڪار ماڻهن جي بلڊ شگر جي سطح بهتر ٿيندي آهي جڏهن ته انسولين جي مزاحمت گھٽجي ويندي آهي.

ان خشڪ ميوي ۾ موجود فائبر ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

اکين جي نظر لاءِ به فائديمند

جيڪڏهن ان خشڪ ميوي ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس عمر وڌڻ سان اکين جي نظر ۾ ايندڙ ڪمزوري کان بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

اهڙيءَ طرح اهي اينٽي آڪسائيڊنٽس ڊجيٽل ڊوائيسز جي نيري روشني سبب اکين کي پهچندڙ نقصان کان بچائڻ لاءِ به فائديمند هوندا آهن.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.