فاسٽ بالر نسيم شاهه به فٽ ٿيڻ لڳو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جِم سيشن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي .

فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪلهي جي سرجري کانپوءِ ري هيب شروع ڪري ڇڏيو آهي.

فاسٽ بالر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي جم جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪيو.

وڊيو جي ڪيپشن ۾ نسيم شاهه لکيو ته هو ري هيب مرحلي مان گذري رهيو آهي، ماهر ڊاڪٽر ۽ سندن ٽيم مٿس ڪم ڪري رهي آهي.

هن لکيو ته ٻيهر کيڏڻ ۽ گرائونڊ ۾ واپسي جو منتظر آهيان، هي ڏکيو سفر، اڪيلو ۽ نه ختم ٿيندڙ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.