راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سموري مُلڪ ۾بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ فوجي قيادت جو چوڻ آهي ته هو قوم جي حيثيت سان سمورن شهيدن جي قربانين جا قرضدار آهن جن ملڪ جي جهنڊي جي سربلندي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، مُلڪ جي 58هين بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج طرفان شهيدن ۽ سندن وارثن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي هئي، فوجي قيادت پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن 1965ع تي حق ۽ باطل وچ ۾ جنگ ثابت ڪيو ته قوم پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.
فوجي قيادت موجب، ڇهه سيپٽمبر تي وطن عزيز جي هزارين پٽن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، جوانن جي قربانين سان پاڪ سر زمين جو دفاع نه فتح ٿيڻ جوڳو بڻايو ويو.
پڌرائي موجب، هٿياربند فوج هر طرح جي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن خلاف وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.