ون ڊي ۾ بابر جي بادشاهي برقرار، شاهين جي به اوچي اُڏام

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ س سي ) جي ون ڊي رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

آءِ سي سي طرفان ون ڊي جي تازي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان ڪپتان بابر اعظم اٺ سئو ٻياسي پوائنٽن سان بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي رسي ون ڊر ڊوسن جي ٻي ۽ ڀارت جي شُڀمَن گِل جي ٽين پوزيشن آهي.

ون ڊي بيٽرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو امام الحق چوٿين ۽ فخر زمان ستين نمبر تي موجود آهن، ايشيا ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ امام الحق جي ٽين ۽ فخر زمان پنجين پوزيشن هئي.

ٻئي پاسي ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ قومي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٽاپ فائيو بالرن ۾ شامل ٿي ويو آهي، نئين درجا بندي موجب، شاهين آفريديءَ جي پنجين پوزيشن آهي.

شاهين آفريدي ايشيا ڪپ کان اڳ نائين نمبر تي موجود هو، ڀارت ۽ نيپال خلاف شاندار بالنگ کانپوءِ فاسٽ بالر شاهين آفريدي چار درجا ترقي ماڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.