سرينگر (ويب ڊيسڪ ) غير قانوني طورتي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ 6 سيٽمبر تي يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي تصوير جا پوسٽر لڳايا ويا آهن .
ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سرينگر جي مختلف علائقن ۾ يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پوسٽر لڳايا ويا آهن.
پوسٽرن تي لکيل آهي ته “ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ڪشميري عوام کي انهن جو حق ملندو “