سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ جلد ڪرپٽ شخصيتن خلاف ڪريڪ ڊائون جو امڪان آهي.

نامياري صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته اطلاع ملي رهيا آهن ته اٽڪل 60 شخصيتن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي. جن ۾ اڳوڻا صوبائي وزير ۽ اهم ڪامورا به شامل آهن. آپريشن جو اشارو آرمي چيف به واپارين سان ملاقات ۾ ڏنو هو.

هوڏانهن  اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ترقياتي فنڊ روڪي ڇڏيا آهن. اهو به ڪرپشن خلاف آپريشن جو اشارو آهي، جڏهن ته پ پ اڳواڻ تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي احتجاج ڪيو آهي ۽ فنڊ روڪڻ کي زيادتي قرار ڏنو آهي.

ياد رهي ته سنڌ حڪومت وڃڻ کان اڳ ترقياتي ڪمن لاءِ وڏي پئماني تي فنڊ جاري ڪري وئي هئي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 6 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.