ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ رينجرز مضبوط مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب غير قانوني طور رهندڙ افغانين، ڪچي جي ڌاڙيلن، هائيڊرنٽس مافيا، اسمگلنگ مافيا ۽ ٻين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب رينجرز کي فوجي اختيارين کان خاص حڪم مليا آهن، جنهن ۾ رينجرز کي چيو ويو آهي ته هو غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف ڪارروائي ڪري.
اهڙي طرح رينجرز ڪچي ۾ به ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪندي.رينجرز اسٽريٽ ڪرائم کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي به ٺاهي ورتي آهي.زمينن تي قبضن ۾ ملوث ”سسٽم“ خلاف لسٽون تيار ڪيون ويون آهن.
غير قانوني هائيڊرنٽس هلائيندڙن خلاف ڪاروائي سخت ڪئي ويندي، داخلي ۽ خارجي رستن تي اسمگلنگ بند ڪئي ويندي.ان حوالي سان سنڌ رينجرز هڪ مربوط ايڪشن پلان تيار ڪري ورتو آهي.