اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ملڪ طرفان بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
مُلڪ جي بچاءَ ۽ شهيدن واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾صدر عارف علوي چيو ته وطن جي بهادر پٽن دشمنن خلاف دليري سان وڙهندي تاريخ جو نئون باب رقم ڪيو.
Message from President Dr. Arif Alvi on the occasion of Defence Day on 6th September, 2023.#DefenceDay pic.twitter.com/aQs5TvaM6h
— The President of Pakistan (@PresOfPakistan) September 6, 2023
هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، اڄوڪي ڏينهن تي پاڪ فوج ۽ قوم بي مثال جذبي جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمنن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو.
ٻئي پاسي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪي سلامتيءَ ۽ ترقي خلاف ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.
Caretaker Prime Minister Anwaar-ul-Haq Kakar laid floral wreath at Yadgar-e-Shuhada in Islamabad, today, to pay homage and tribute to the valiant soldiers of the armed forces.
Speaking at a ceremony held at Pakistan monument in connection with the Defence and Martyrs Day, the… pic.twitter.com/sVOv3Vb8Xp
— Prime Minister’s Office (@PakPMO) September 6, 2023
سندس چوڻ هو ته پاڪستان انتها پسندي، دهشتگردي ۽ ٻاهرين اڳرائي جهڙن سڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، هو محنت ۽ جدوجهد سان هر قسم جي سڪيورٽي ۽ معاشي چيلينج کان ملڪ جي حفاظت ڪندا.