اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڊيوٽي جج شاهه رخ ارجمند جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻڌڻي دوران پوليس پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.
ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته پوليس جي جسماني رمانڊ جي استدعا ۾ جاچ جو ڪو به ذڪر ناهي، پرويز الاهي خلاف پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ پوليس وٽ ڪجهه ڪونهي.
صفائي واري وڪيل چيو ته صورتحال اهڙي آهي جو سڀاڻي وڪيل هڪٻئي جون ضمانتون ڪرائنيدا وتندا، مان شاهه محمود جو وڪيل هيس، ساڳي ئي ڪيس ۾ ضمانت ڪنفرم ٿي، پرويز الاهي جي سڃاڻپ پريڊ جي به ضرورت ناهي، مُلڪ کي سڃاڻي ٿو.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته اسلام آباد پوليس ڊپٽي ڪمشنر لاهور يا پنجاب پوليس کي ڊڪٽيٽ ناهي ڪري رهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻين ڪيسن ۾ گرفتاري جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڏنو، پرويز الاهي مارچ ۾ داخل ڪيس ۾ اسلام آباد پوليس کي گهربل هو انڪري ثبوت گڏ ڪرڻا آهن، مخبر فريادي کي ٻڌايو ته پرويز الاهي شامل هو.
پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته ڏنڊا، گاڏيون، مددگار ماڻهو وغيرا جي حوالي سان پرويز الاهي جو جسماني رمانڊ گهربل آهي ۽ کيس قانون مطابق گرفتار ڪيو ويو آهي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس جي استدعا منظور ڪندي پرويز الاهي جي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
عدالت پرويز الاهي جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس اٺ سپٽيمبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.