عوام ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپن تي وار ڪرڻ جي ڪوشش کي صبر سان ناڪام بڻايو: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڪجهه عنصر عوام ۽ فوج جي لاڳاپن تي وار ڪرڻ جي ڪِريل ڪوشش ڪئي جنهن کي صبر ۽ سمجهه سان ناڪام بڻائي ڇڏيو.

شهيد ميجر طفيل محمد جي مزار تي بچاءَ واري ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان مرزا تي گُل رکيا ۽ فاتح خواني ڪئي وئي.

ان موقعي تي پنهنجي بيان ۾ آرمي چيف چيو ته بچاءُ جو ڏهاڙو ۽ شهيد سندن قومي ۽ فوجي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، هي ڏينهن کين پنهنجي هٿياربند فوج جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو.

سندس چوڻ هو ته 1965ع جي جنگ ۾ هٿياربند فوج دشمن جي اڳرائي کي جرئت ۽ پيشوراڻي مهارت سان ناڪام بڻايو.

هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌي جو عظيم جذبو نظر آيو، ان جذبي سان هنن دشمن جي اڳرائي کي ناڪام بڻايو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪ فوج پنهنجي نظم، ضبط ۽ اعليٰ پيشيواراڻي معيار جي ڪري دنيا ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪ جو بچاءَ پنهنجي جان کان مٿي رکڻ پاڪ فوج جي هر آفيسر ۽ سپاهي جو عزم آهي.

پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته شهيدن جون قربانيون، غازين جا ڪارناما اسان لاءِ مثال آهن، شهيدن جي رت سان آزادي جا ڏيئا روشن ٿيندا آهن، شهيدن جي عزت ۽ احترام سندن اهم ذميواري آهي، پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد ۽ اتحاد سندن قيمتي اثاثو آهي.

جنرل عاصم منير چيو ته تازو ئي ڪجهه عنصرن عوام ۽ فوج جي لاڳاپن تي وار ڪرڻ جي ڪريل ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ قومي اداري جي حيثيت سان وڏي صبر ۽ سمجهه سان ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج جنهن جرئت سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، ان جو مثال ناهي، پاڪ فوج عوام جي خواهشن ۽ تمنائن جو محور آهي، مضبوط معيشيت مضبوط دفاع لاءِ لازمي آهي، گڏيل سهڪار سان پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.