”پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ننڊ نٿي اچي، ڇت مان پاڻي ٽمي ٿو ۽ مکيون به آهن“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيرِاعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته عمران خان کي جيل ۾ رات جو ننڊ نٿي اچي، کيس جتي رکيو ويو آهي ته اتي ڇت به ناهي ۽ مکيون به آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ سهولتون ۽ اٽڪ جيل مان منتقل ڪرڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان شير افضل مروت ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته اٽڪ جيل ۾ بي ڪلاس آهي ڪونه، اِهو رڳو تڪليف ڏيڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، اختيارين جو چوڻ آهي ته عمران خان کي سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي اٽڪ جيل ۾ رکي ويو آهي، اڊيالا جيل وڌيڪ محفوظ آهي يا اٽڪ جيل، اِها سڀني کي ڄاڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي رات جو ننڊ ناهي ايندي، کيس جتي رکيو ويو آهي اتي ڇت ناهي، پاڻي ٽِمندو آهي ۽ مکيون آهن جڏهن ته اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي انتظام بهتر آهن ۽ بي ڪلاس به موجود آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جو حق آهي ته اڊيالا جيل منتقل ڪري بي ڪلاس ڏنو وڃي، بشريٰ بي بي جيل ۾ ملڻ وئي ته مٿس به ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، الزام لڳايو ويو ته بشريٰ بي بي جيل اهلڪار کي ويهه هزار رُپيا رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.