جيئي سنڌ محاذ وفد جي شهيد فاطمه جي وارثن سان تعزيت

راڻيپور (ن ع آ)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو وفد سان گڏ خانواھڻ پھچي شھيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت  ڪئي رياض چانڊيو مظلوم نياڻي جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي سنڌ جو شعور فاطمه ڦرڙو جو وارث آھي ھتي قانون جي حڪمراني نه آهي ھاءِ پروفائيل بڻيل ڪيس ۾ پوليس جي ڪارڪردگي مشڪوڪ لڳي ٿي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي پوليس بااثرن سان گڏجي مظلوم نياڻي جي غريب وارثن تي پريشر ڪرائي ڪيس دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي پر سنڌ جو شعور ائين ٿيڻ نه ڏيندو وفد ۾ عامر عمراڻي فريد خاصخيلي ابرار مورائي زاھد شباڻي گڏ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.