اسان کي ٻين مذهبن جي مڃيندڙن کي قبول ڪرڻو پوندو: خليل جارج

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج چيو آهي ته معاشري ۾ بگاڙ جو وڏو سبب اسان جي پنهنجي مذهبي تعليمات  کان دُوري آهي، پنهنجي مذهبي روايتن کي ختم ڪرڻ جي ڪري اسان جون خانداني زندگيون انتهائي ڪمزور ٿي چڪيون آهن، اڄ وقت آهي ته اسان هڪ ٿيون، مسجد، مندر ۽ گرجا گهر مان هڪ پيغام وڃي. اهڙو اظهار هن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي دنيا سان گڏ اڳيان وڌڻو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ رهندڙ ٻين مذهبن جي مڃيندڙن کي نه رڳو قبول ڪرڻو پوندو پر انسانيت جو احترام به ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.