جنرل عاصم ڊاڪٽرائن جي گونج،سياسي پارٽين بابت جملي تي بحث

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي  سليم صافي دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف واپارين سان ملاقات ۾ ڪجهه به نه چيو ته 3 سياسي پارٽيون ملڪ سان مخلص ناهن،زبير موتي والا کي سمجهڻ ۾ غلطي آهي.هن معتبر ذريعن جي حوالي سان چيو ته آرمي چيف اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي،سندس اصل لفظ هي هئا ته ”هر سياسي پارٽي ۾ سٺا ماڻهو ۽ خراب ماڻهو هوندا آهن.واپاري اڳواڻ شيخ عرفان چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي نيت موجب لڳي ٿو ته هاڻي معيشت بهتر ٿيندي. هن سياستدانن جو نالو وٺي مثال ڏيندي چيو ته سڀني جو احتساب ٿيندو،صنعتڪار،واپاري زبير موتي والا چيو ته آرمي چيف چيو ته ڪا به سياسي پارٽي پاڪستان سان مخلص ناهي، ثبوتن سان ڪرپٽ مافيا خلاف ڪارروائي ٿيندي،سينئر صحافي ڪامران خان چيو آهي ته پاڪستان جي پراڻين بيمارين جي دائمي علاج جو وقت اچي ويو آهي، ان جو ٻيڙو پاڪ فوج جي قيادت کڻي ڇڏيو آهي.صحافي طلعت حسين چيو آهي ته جنرل عاصم ڊاڪٽرائن  ۾ سياسي، معاشي، عدالتي،پرڏيهي، ميڊيا جا معاملا شامل آهن، ان مان لڳي ٿو ته فوج جو مرڪزي ڪردار هوندو،آرمي چيف جو اعلان آهي ته” نه نئون نه پراڻو پاڪستان بلڪه اسان جو پاڪستان“هاڻي هڪ پيج وارو معاملو ناهي، هاڻي هڪ ئي پيج آهي ان تي سڀني کي گڏ هلڻو پوندو، سعودي،قطر، يو اي اي کان اربين ڊالرن جو خاطريون مليون آهن ته پوءِ آءِ ايم ايف مان جان ڇڏرائي ويندي، اسپيشل انويسٽمينٽ ڪائونسل جو اهم ڪردار هوندو،هاڻي فوج کي ڪا رڪاوٽ نظر نه پئي اچي،سياسي معاملن کي معاشي آسودگي سان حل ڪيو ويندو،سياستدانن تي اعتماد ۾ کوٽ نظر اچي رهي آهي، ڪرپٽ سسٽم جي ڳالهه ان سلسلي جي ڪڙي آهي، هن پرويز خٽڪ، عامر ڪياني ۽ ٻين جا نالا کڻي چيو ته اهي موٽرسائيڪل تي هلندا هئا،هاڻي ارب پتي ٿي ويا آهن، ڪرپشن ۽ مافياز خاص ٽارگيٽ هوندا،لڳي ٿو ته هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، واپاري اڳواڻ ڪاشف انور چيو ته آرمي  چيف ڊالر،اسمگلنگ روڪڻ لاءِ خاطريون ڪرايون آهن، 6 مهينن ۾ گهڻو ڪجهه بهتر ٿي ويندو، شفيق احمد ايڊووڪيٽ نالي ٽوئيٽر صارف لکيو ته  جنرل عاصم منير  کي ارب پتي سياستدان ته نظر اچن ٿا پر پر واپڊا چيئرمين جنرل سجاد غني جو پٽ ۽ هن جي سوين ايڪڙن تي پکڙيل محلات نظر نٿي اچي،جيڪو چوي ٿو ته هي محل منهنجي والدين جي مهربانيءَ سان ڏنو ويو آهي، خبر ناهي ٻيون ڪيتريون مهربانيون هن وٽ هونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.