لاهور( م ڊ) پنجاب جي نگران حڪومت کنڊ جي اگهن ۾ واڌ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ڪمند جي اگهن ۾ واڌ جو ڪارڻ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران منع نامي ۾ واڌ ڪرڻ جو حڪم آهي شگر ملز جا سمورا ڪيس خاص عدالت ۾ هلايا پيا وڃن. مختلف بهانن سان منع نامي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. منع نامو ختم ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ملڪ ۽ صوبو وڌيڪ بحران جو شڪار ٿي ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي، شگر ملز، بروڪرز ۽ سٽي بازي ڪندڙ منافعو ڪمائي رهيا آهن، پنجاب فوڊ اسٽف آرڊر ذريعي اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ڪين ڪمشنر پنجاب کي ڏنو ويو هو. رپورٽ جي متن موجب ڪمند جي ڪمشنر ايڪس ملز جي اگهه مقرر ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، ڪرشنگ سيزن دوران ملڪ ۾ مجموعي طور 7.7 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿي، 5 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ذخيرو ڪيو ويو. پنجاب ۾ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.انهن ذخيرن جو مقصد ايندڙ سال کنڊ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ هو، ڪمند جو فصل 17 سيڪڙو گهٽجڻ سان پاڪستان کي ايندڙ سال کنڊ جي درآمد تي وڏو پرڏيهي مٽاسٽا خرچ ڪرڻو پوندو. هرمل وٽ پنج يا ڇهه بروڪر آهن جيڪي ڊيلرز کي کنڊ وڪرو ڪندا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 مئي 2023 تي جسٽس شاهد ڪريم اعتراض واريندي چيو ته اگهه مقرر ڪرڻ جو معاملو صوبائي آهي، ايندڙ تاريخ 20 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي، اسٽي آرڊر جي تاريخن کي ڪنهن بهانا ڪري وڌايو پيو وڃي. شگر مل ۽ سٽي باز هڪ سئو رپيا في ڪلو وصول ڪري رهيا آهن. نگران پنجاب حڪومت جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون افغانستان ۾ کنڊ جي اسمگلنگ روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن. سمگلنگ ملڪ جا اسٽريٽجڪ کنڊ جا ذخيرا ختم ڪري ڇڏيا آهن، خاص ڪري پنجاب ۾، جيڪي ايندڙ سال کنڊ جي کوٽ کي پورا ڪرڻ لاءِ هئا.ڪمند جو فصل 17 سيڪڙو گهٽجڻ سبب پاڪستان کي ايندڙ سال کنڊ جي درآمد تي وڏي رقم خرچ ڪرڻي پوندي.انهن ذخيرن جو مقصد ايندڙ سال کنڊ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ هو، ڪمند جو فصل 17 سيڪڙو گهٽجڻ سان پاڪستان کي ايندڙ سال کنڊ جي درآمد تي وڏو پرڏيهي مٽاسٽا خرچ ڪرڻو پوندو. نگران پنجاب حڪومت جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون افغانستان ۾ کنڊ جي اسمگلنگ روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قياس آرائي ڪندڙن تقريبن کنڊ جي مارڪيٽ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. سٽي بازن کي ايم پي او تحت گرفتار ڪيو وڃي، شگر ملز، ڊيلرز، دلالن ۽ قياس آرائي ڪندڙن مهانگي کنڊ وڪرو ڪري 55 کان 56 ارب رپيا هڙپ ڪري ورتا، هرمل ۾ پنج ڇهه دلال آهن جيڪي ڊيلرز کي کنڊ وڪرو ڪندا آهن.