آرمي چيف کان سياسي جماعتن بابت جملو مون ناهي ٻڌو: عقيل ڪريم

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري سيڙپڪار عقيل ڪريم ڊيڊي چيو آهي ته آرمي چيف کان سياسي جماعتن بابت جملو مون ناهي ٻڌو، آرمي چيف اهو  ناهي چيو ته ڪا به سياسي پارٽي ملڪ سان مخلص ناهي، سعودي، يو اي اي،قطر جي ڪارپوريٽ فارمنگ،مائننگ، ڊيري ۾ دلچسپي آهي آرمي چيف ڪراچي جي حالتن ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي ڳالهه ڪئي ،آرمي چيف چار ماڻهن جا نالا کنيا جيڪي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندا، ان ملاقات کانپوءِ واپارين ۽ صنعتڪارن جو مورال وڌي ويو آهي، معاشي شبر زيدي چيو ته مان آرمي چيف جي ملاقاتن جي حوالي سان گهڻو پراميد نه آهيان، اهي رڳو اعتماد جي بحالي جهڙا قدم آهن،هن چيو ته آءِ پي پيز ۽  وزارتن ۾ مافياز ويٺل آهن، اهي اهڙيون ڳالهيون ڪندا جو آرمي چيف کي پگهر اچي ويندا، هن چيو ته آرمي چيف ڪاروبار شام 7 وڳي بند ڪرائي، ڊالر جي اسمگلنگ روڪي، ايران مان تيل جي اسمگلنگ روڪرائي،5 هزار جا نوٽ ختم ڪرائي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.