گاجي کهاوڙ ۾ معصوم نياڻي سان مبينا جنسي زيادتي، اين سي داخل

لاڙڪاڻو/ نصيرآباد(رپورٽ:مرتضي ڪلهوڙو/ بشير احمد بروهي) گاجي کهاوڙ ۾ 8 ورهين جي نينگري سان مبينا جنسي  زيادتي، جوابدار فرار، واقعي جي اين سي داخل، کهاوڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ستر ڦلپوٽو ۾ مبينا طور 8 ورهين جي نينگري شمائلا ڌيءَ اربيلو ڦلپوٽو کي جوابدار جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي حد جي ٿاڻي تي آندو جتي نينگري جي چاچي گلشير ڦلپوٽو جي فرياد تي جوابدار وقار ڦلپوٽو مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي، فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀائيٽي شمائلا ڳوٺ ڀرسان ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ وئي جتي جوابدار وقار ڦلپوٽو کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو، نينگري کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو جنهن تي وارثن کيس شيخ زيد چلڊرين اسپتال داخل ڪرايو جتي نينگري جا جزا وٺي ليباريٽري اماڻيا ويا، نينگري جي پيءُ اربيلو ڦلپوٽو صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن جوابدار وقار ڦلپوٽو منهنجي ڌيءَ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ڳوٺ جي وڏيري صاحب خان ڦلپوٽو وٽ پناهه ورتي آهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.