ٽنڊوڄام (رپورٽ:احمد سجاد) ٽنڊوڄام ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، ويڳي پيءُ پنھنجي چئن ورھين جي معذور نياڻي کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش گندي پاڻي جي نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو، علائقي واسين لاش ڏسڻ بعد پوليس حوالي ڪيو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب چئن ورھين جي نينگري جو ويڳو والد عدنان شيخ ٽنڊوڄام ٿاڻي تي اچي پھرين مرحلي ۾ نياڻي جي گمشدگي جون دانھون ڪيون، رات دير سان لاش ملڻ بعد پوليس عدنان کي گھرايو ته معلوم ٿيو ته نينگري جو اصل والد زاھد مغل ٽنڊوڄام ٿاڻي تي پھچي نينگري جو قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ۽ ٻڌايو ته سندس زال شبانه کائنس 6 مھينا اڳ طلاق ورتي هئي، جنھن بعد ھن عدنان قريشي سان شادي ڪئي ۽ منھنجيون ٻه ڌيئر آھن، ان مان چئن سالن جي زينب جيڪا ڳالھائڻ ۽ ھلڻ کان لاچار ھئي، جنھن کي سندس ويڳي پيءُ عدنان قتل ڪيو آھي، ٽنڊوڄام پوليس پاران جڏھن عدنان شيخ کان پڇا ڪئي ته ھن قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، ٽنڊوڄام پوليس قتل جي الزام ۾ آيل جوابدار عدنان گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانھن نينگري جو مڙھه مقامي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو آھي.