ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 5 رپيا گهٽجي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 323 رپين جو ٿي ويو، گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 328 رپين تي بند ٿيو هو. هوڏانهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 46 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ هڪ ڊالر 307 رپين 10 پئسن جو ٿي ويو آهي . ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي قيمت 6 هزار 300 رپيا في تولو گهٽجي وئي آهي.سون جو اگهه 6 هزار 300 رپيا في تولو سستو ٿيڻ بعد 2 لک 32 هزار 800 رپيا ٿي ويو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ٻاڙائي رهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 215 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 45491 پوائنٽس تي بند ٿيو.