ڪراچي/ ملير (رپورٽ/ ماريا اسماعيل/ جميل چانڊيو) ملير جي علائقي گلشن ۾ عورت ۽ استادن ۽ اسٽاف سان زيادتي جي الزام هيٺ آيل گرفتار اسڪول جي پرنسپال عرفان غفور ميمڻ کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت پاران جوابدار کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب جاچ دوران جوابدار عرفان غفور ميمڻ ٻڌايو ته هن ڊسمبر ۾ اسڪول هڪ لک رپيا ماهوار ڪرائي تي ڏنو هو، اسڪول ۾ 10 عورتون ۽ 5 مرد استاد ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ هن وقت 250 شاگرد پڙهي رهيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ايف آءِ آر ۾ جنسي ڏاڍائي، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ بليڪ ميلنگ جا قلم به شامل آهن، پوليس موجب جوابدار عورت استادن کي نوڪريون ڏيڻ جي بدلي ۾ زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو ۽ عورتن جون وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل پڻ ڪندو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته نه رڳو اسڪول نه پر آفيس کي به سيل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي رمانڊ بعد آفيس جي فرانزڪ جاچ به ڪئي ويندي جنهن بعد وڌيڪ ثبوت ملڻ جو امڪان آهي، جاچ آفيسر تصديق ڪئي آهي ته متاثر عورت پوليس سان رابطو ڪيو آهي، عورت جو بيان جلد رڪارڊ ڪيو ويندو، هن مهل تائين 45 کان وڌيڪ متاثر عورتن جي معلومات ملي آهي، جوابدار عورتن کي بليڪ ميل ڪري رهيو هو.