9 سيپٽمبر تي ملڪ گير هڙتال، صدر چونڊن جي تاريخ ڏئي: پاڪستان بار

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل (پي بي سي) 9 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان  مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري ۽ 90 ڏينهن اندر آئين موجب چونڊن جو اعلان ڪري. پاڪستان بار ڪائونسل (پي بي سي) 9 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري ۽ 90 ڏينهن اندر آئين موجب چونڊن جو اعلان ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان بار ڪائونسل پاران منعقد ڪانفرنس کانپوءِ چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي حسن رضا پاشا بار ڪائونسل جي ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ججن، جنرلن، بيوروڪريسي کي فراهم ڪيل سهولتون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن ۽ موجوده حڪومت هڪ هفتي اندر مفت بجلي، گيس ۽ ٽيليفون بلن جي خاتمي جو اعلان ڪري.حسن رضا پاشا چيو ته گم ٿيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ لائرز پروٽيڪشن ايڪٽ لاڳو ڪيو وڃي، ڇو ته وڪيل آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.