حيدرآباد(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري ۽ جنرل سيڪرٽري فيصل مغل ڊسٽرڪٽ بار جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ ملڪ ۾ مھانگائي ھڪ وڏي طوفان جيان اڳتي وڌي رھي آھي، ان صورتحال ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، حڪمرانن عوام جي لاءِ پريشانيون وڌائي ڇڏيون آھن، زراعت جي لاءِ پاڻي نٿو ملي، ھي انتھائي تڪليف ڏيندڙ صورتحال آھي جنھن تي چپ ڪري نٿو ويھي سگھجي، عوام جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاوڙ جڏھن سامھون ايندي تھ پوءِ ڪو بھ ان کي روڪي نھ سگھندو. ھنن چيو تھ ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ ٿي رھي آھي، اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ سستائي آھي ۽ اسان وٽ مھانگائي آھي. ھنن چيو تھ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻھن کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪيو پيو وڃي ھنن اعلان ڪيو تھ مھانگائي، بدامني ۽ ٻين مسئلن بابت اسان سنڌ سطح کان ويندي ملڪي سطح جو وڪيلن جو ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جي خواھش رکون ٿا ۽ ٿي سگھي ٿو تھ ان کانپوءِ لانگ مارچ جو بھ اعلان ڪيون، پاڪستان کي گھرو ويڙھھ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي